ڊاڪٽرشريف ’شاد‘ سومرو

ڊاڪٽرشريف ’شاد‘ سومرو

شريف شاد سومرو ڊاڪٽر

شريف ’شاد‘ سومرو، ڊاڪٽر: مشھور اديب، شاعر ۽ محقق شريف ’شاد‘سومري جو پورو نالو محمد شريف ولد عبدالقادر ’عنبر‘ سومرو آھي. سندس جنم 18 آگسٽ 1960ع تي رستم شھر، تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. ھن ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم رستم مان، جڏھن تھ ايم. اي (سنڌي ادب) شاھھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. سندس ايم. اي جي مونوگراف جو موضوع ”لکيءَ جي شاعرن ۽ اديبن جو جائزو“ ھو. ايم. اي ڪرڻ بعد تعليم کاتي ۾ پھرين استاد ۽ پوءِ ليڪچرر مقرر ٿيو. ان دوران ايم. ايڊ جو امتحان پڻ پاس ڪيو. شريف شاد سومري سنڌيءَ ۾ ”دڙي ۾ نثري نظم جي اوسر“ جي موضوع تي ايم فل لاءِ تحقيقي مقالو لکيو. جڏھن تھ ‘سنڌي بيت جي اوسر’ تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ھن لکڻ جي شروعات 1978ع کان ڪئي. ھن نثر کان علاوه نظم ۾ بھ لکيو آھي. شريف شاد سومرو سنڌي ادبي سنگت ضلعي شڪارپور جو پنج سال رابطا سيڪريٽري، شاھھ عبداللطيف لائبرري رستم جو باني، سنڌي ادبي سنگت رستم جو باني، شاھھ عبداللطيف لائبرري ائسوسيئيشن سنڌ (شعلا) جو باني ۽ نگران، شڪارپور سوشل فورم جو ميمبر، سنڌ پروفيسر ائنڊ ليڪچررس ائسوسيئيشن (سپلا) جو ميمبر، مھراڻ ادبي سنگت شڪارپور جو ميمبر، ڊاڪٽر عبدالخالق ‘راز’ اڪيڊمي شڪارپور/ڪراچيءَ جو چيئرمئن، رستم سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جو باني ۽ رستم شھري اتحاد جو بنيادي ميمبر پڻ آهي. سندس تحقيقي ڪتابن ۾: ادبي تاريخ، تعلقي لکيءَ جي (ترتيب: 2017ع)، ‘حضرت مخدوم شاهه عثمان قريشي تي ڪيل تحقيق جو ارتقائي جائزو (تحقيق: 2020ع)، ديوان عيسو (عيسيٰ فقير جو ڪلام: ترتيب)، ڪلامِ طالب (بزرگ محمد طالب جو ڪلام: ترتيب)، ‘شروعاتي سنڌي الف-بي جو قاعدو’ (2000ع)، ، ‘دڙي ۾ نثري نظم جي اوسر’ (ايم. فل جو تحقيقي مقالو) قابل ذڪر آھن، 2020ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور مان
سنڌيءَ جي پروفيسر طور رٽائرڊ ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.08.18  عيسوي

مشھور اديب، شاعر ۽ محقق شريف ’شاد‘سومري جو پورو نالو محمد شريف ولد عبدالقادر ’عنبر‘ سومرو آھي. سندس جنم 18 آگسٽ 1960ع تي رستم شھر، تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حميد ڀٽو
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
خواجه شمس الدين
حمـيـد سـنڌي
چرنداس سهاڻي
پنهل ڏهر
ايڇ جي ويلز
ظفر عباسي ڊاڪٽر
پرويز علي محمد
عبدالجبار عابد لغاري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون